وڏي وزير مراد علي شاهه شهيد پروفيسر اجمل ساوند لاءِ سول ايوارڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي سالياني ڪانووڪيشن ۾ خطاب دوران وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سخت سزا ڏيارڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن
وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار کي اجمل ساوند لاءِ سول ايوارڊ جي سفارش ڪئي ويندي
ڪانووڪيشن ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي