سينيٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ آرڊرز تي نظرثاني جو بل منظور ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ آرڊرز تي نظرثاني لاءِ سينيٽ مان بل منظور ڪرائي ورتو، بل جي حمايت ۾ 32 ۽ مخالفت ۾ 21 ووٽ پيا

سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ آرڊرز تي نظرثاني لاءِ بل  منظور ٿيڻ دوران تحريڪ انصاف جي سينيٽرز طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو، توهين عدالت نامنظور جا نعرا هنيا ويا حڪومت پاران بل عرفان صديقي پيش ڪيو

پي ٽي آءِ جي وسيم شهزاد چيو ته حڪومت تڪراري بل پيش ڪري پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن، هي سوداگرن جو بل آهي

اعجاز چوڌري بلاول جي ڀارت ياترا جي مذمت ڪندي چيو ته جن ماڻهن کي افغانستان وڃڻو هو اهي ڀارت هليا ويا، پرڏيهي وزير سير ۽ تفريح جو وزير بڻجي ويو آهي، بلاول جو ڀارتي دورو مودي سان قربتون وڌائڻ لاءِ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔