ڪراچي: برقعو پائي گهر ۾ گهري واردات ڪندڙ 3 ڏوهاري مقابلي ۾ مارجي ويا

ڪراچي: ڪورنگي ۾ ٽي ماڙ عمارت ۾ گهرندڙ ٽي ڏوهاري پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويا

پوليس موجب ٽي ڏوهاري ٽي ماڙ عمارت ۾ ڦرلٽ جي نيت سان داخل ٿيا هئا ته اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي وئي، 2 ڏوهارين سڃاڻپ لڪائڻ جي لاءِ برقعو پائي رکيو هو، ان دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ ٽئي ڏوهاري مارجي ويا

عمارت ۾ رهندڙ نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته 3 ڏوهاري هٿيارن سميت گهر ۾ داخل ٿيا، جن مان ٻن کي برقعو پهريل هو، ڏوهارين سڀ کان پهريان عمارت ۾ رهندڙ ماڻهن کان ڦرڻ شروع ڪيو ته پوليس به اطلاع ملندي ئي پهچي وئي

رهائش اختيار ڪيل شخص ٻڌايو ته گهر مان 40 هزار روڪ رقم ۽ 4 موبائيل فون ڦريا ويا، پوليس جي پهچڻ تي جوابدار ڇت طرف ڀڳا، جتي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، ان دوران 2 ڏوهاري ڇت تي ئي مارجي ويا ۽ ٽئين برابر واري گهر ۾ ٽپو ڏنو، پر ٽيون به برابر واري گهر ۾ مارجي ويو

پوليس ۽ عمارت ۾ رهندڙن جو چوڻ آهي ته ٽئين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ان جي علائقي جي ڏوهارين جي احمد ۽ صادق جي نالن سان سڃاڻپ ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔