آشيانه ريفرنس: وزيراعظم شهباز شريف خلاف نيب جي گواهن بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا

لاهور: احتساب عدالت ۾ آشيانه ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف خلاف نيب جي گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن.
احتساب عدالت لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف آشيانه اقبال ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نيب جا گواهه امتياز احمد، عبدالرئوف مغل ۽ سعد محمود عدالت ۾ پيش ٿيا. وزيراعظم ۽ سندس وڪيل انوار حسين حاضري لاءِ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران نيب جي گواهه اڳوڻي ايم پي اي عبدالرئوف مغل بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مان صوبائي اسيمبلي پنجاب جو ميمبر هئس، پنجاب حڪومت جو بورڊ آف ڊائريڪٽر پي ايل ڊي سي جو ميمبر چونڊجيو هوس ان وقت مختلف اجلاسن ۾ پڻ شامل ٿيندو رهيس.
هن بيان ۾ چيو ته ايل ڊي اي ۽ پي ايل ڊي سي ۾ معاهدو ٿيو، جيڪي به شيون اتي اجلاس ۾ ٿيون اهي رڪارڊ تي اچي چڪيون آهن. 4 اپريل تي مان هن ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيس ۽ بيان ڏنو. عدالت ٻڌڻي کان پوءِ نيب جي گواهن جي بيانن تي جرح جي لاءِ ڪارروائي 11 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔