هاڻوڪي پارليامينٽ ڄاڻي واڻي اڻپوري رکي وئي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته هاڻوڪي پارليامينٽ ڄاڻي واڻي اڻپوري رکي وئي آهي، هاڻوڪي پارليامينٽ مان ٿيندڙ قانونسازي به تڪراري آهي، ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل عوام جي فيصلي سان ئي ممڪن آهي

چيف جسٽس عمرعطا بنديال نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي ته هاڻوڪي حڪومت کي 8 مهينا ٿي چڪا آهن، اليڪشن ڪميشن اسپيڪر رولنگ ڪيس ۾ چيو هو ته نومبر 2022 ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار هونداسين

چيف جسٽس جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جي سربراهه نيب جي ترميمن کي چئلينج ڪيو آهي، ملڪ ۾ شديد سياسي ڇڪتاڻ ۽ بحران آهي

ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهتل تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز کي سيڪريٽريٽ عملي پاران روڪيو ويو، ڊپٽي اسپيڪر ڪورم پورو نه هئڻ جو سبب ڄاڻائيندي قومي اسيمبلي جو رٿيل اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي

 اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي لکت ۾ ڪاپي اڃا نه ملي آهي، تحريري فيصلو پڙهڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي استعيفا ڏيندڙ ميمبرز بابت فيصلو ڪيو ويندو

تحريڪ انصاف جي ايم اين اي نصرت واحد چيو ته جيستائين آرڊر نه ٿو اچي اسان ايوان نه وينداسين، پوءِ به روڪيو ويو ته اهو غير آئيني عمل هوندو، سيڪريٽريٽ پاران آگاهي بعد تحريڪ انصاف جا ايم اين ايز واپس پارليامينٽ لاجز هليا ويا

 لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي 43 ايم اين ايز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔