ڪراچي: اردوءَ ۽ پنجابي ٻولين جي وڏي شاعر منير نيازي جي وڇوڙي کي 16 ورهيه وهامي ويا.
ويهين صدي جي اڌ ڏهاڪي ۾شاعري جي ميدان منير نيازي سڀ کان الڳ انوکي شاعر طور سامهون آيو جنهن اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ پنهنجي وسيلي هڪ نسل کي متاثر ڪيو.
منير نيازيءَ جو 19 اپريل 1928 ۾ خانپور هندستان م پيدا ٿيو، ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي شهر ساهيوال ۾ اچي رهيو.
سندس سڃاڻ اردو ۽ پنجابيءَ جي وڏي شاعر طور آهي، منير نيازي ريڊيو، ٽي وي ۽ فلمن لاءِ لا تعداد گيت لکيا.
سندس ڇپيل شاعري جي اردو مجموعن ۾ تيز هوا اور تنها ڦول،جنگل ۾ ڌنڪ، دشمنون ڪي درميان شام ۽ ماھِه منير گهڻو مشهور آهن جڏهن ته پنجابي مجموعن ۾ سفر دي رات ، چار چپ چيزان ۽ رسته دسڻ والي تاري شامل آهن.
منير نيازي وٽ شاعري انهن دورازن کان گذر ڪندي آهي جيڪي حقيقت، رنگيني ، سچائي، سرور ۽ نور سان منور هوندا آهي بنهه ائين جيئن پرهه ڦٽيءَ مهل سج جو ڪرڻو ڪمري کي روشن ڪري ڇڏي ۽ هوريان هوريان صبح روشن ٿيڻ لڳندي آهي.
ڪجهه انج وي راهوان اوکيان سن،
ڪجهه گل وچ غم دا طوق وي سي،
ڪجهه شهر دي لوگ وي ظالم سن،
ڪجهه سانون مرن دا شوق وي سي.
اردو ۽ پنجابي زبان جي هن منفرد شاعر 26 ڊسمبر 2006 ۾ لاهور ۾ وفات ڪئي.