اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري خلاف ڊيرا غازي خان ۾ داخل ڪيس جو متن سامهون اچي ويو آهي، مٿس زمين تي قبضي جا الزام آهن
اينٽي ڪرپشن طرفان داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شيرين مزاري خلاف 11 مارچ 2022ع تي شڪايت داخل ٿي، اسسٽنٽ ڪمشنر راجنپور معاملي جي جاچ بعد رپورٽ تيار ڪئي
اينٽي ڪرپشن ٽيم موجب جاچ بعد اي سي راجنپور جي شڪايت تي شيرين مزاري خلاف ڪيس داخل ڪيو، اينٽي ڪرپشن کاتي 2014ع جي رولز تحت ڪرمنل ڪيس داخل ڪيو