سنڌ ۾ ٽن ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز بند

ڪراچي:سنڌ جي سمورن سي اين جي اسٽيشنز کي 3 ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
سوئي سدرن گئس جي ترجمان موجب سموري سنڌ ۾ جمعي کان سومر تائين سي اين جي اسٽيشنز بند رهندا. ترجمان ٻڌايو آهي ته سمورا سي اين جي اسٽيشنز 20 مئي صبح 8 وڳي کان 23 مئي صبح 8 وڳي تائين بند رهندا.
ترجمان ٻڌايو آهي ته گئس بند ڪرڻ جو فيصلو گهريلو صارفين جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جنرل انڊسٽري ۽ ڪيپٽو پاور کي 22 مئي صبح 8 وڳي 24 ڪلاڪن لاءِ گئس نه ملي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔