لاهور جي برڪي روڊ تي گهر اندر زوردار ڌماڪو، 4 ڄڻا فوت،12 زخمي

لاهور: لاهور جي برڪي روڊ تي گهر ۾ گيس جي ڌماڪي سبب 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 12 سخت زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب لاهور جي برڪي روڊ تي واقع پنگالي ڳوٺ جي هڪ گهر ۾ گيس ڀرجي وئي ۽ جيئن ئي ڪنهن باهه ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو  جنهن سبب گهر پٽ پئجي ويو.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ ملبي هٺيان دٻيل چئن ڄڻن جا لاش ڪيا ويا جن جي سڃاڻپ هارون، شيري، علي ۽ انوش جي نالي سان ٿي جڏهن ته واقعي ۾ زخمي 12 ڄڻن کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔