ڇا هاڻ ٽوئيٽس ڏسڻ لاءِ به پئسا ڏيڻا پوندا؟

مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر چيو آهي ته هو مستقبل ۾ هاءِ پروفائل اڪائونٽس مان ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ تي سبسڪرپشن چارجز لڳائڻ جو ارادو رکي ٿو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي موجب ٽوئٽر پنهنجي سالياني انويسٽرز اجلاس جي دوران امڪاني نيو سپر فالوز سروس جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اشتهاراتي حدف کان هٽي آمدني جي نئين طريقن جي ڳولا طرف هڪ قدم آهي. ٽوئٽر جي ترجمان چيو آهي ته سپر فالورز جي ذريعي پبلشرز ۽ مواد جي تخليقڪارن کي سڌو سنئون صارفين جو تعاون ملي سگهي ۽ ان فائدي کي ڏسندي هو وڌيڪ سٺو مواد تيار ڪري سگهن.ٽوئٽر جي ترجمان چيو آهي ته هو پنهنجي سروس جي فائدن جو به ٻيهر جائزو وٺي رهيا آهن ۽ اهڙي طرح جي عمل جي جانچ به ڪري رهيا آهن جيڪا پراڊڪٽ فيچر جي حوصله افزائي يا ان جي حوصله شڪني ڪندا آهن. پريزينيشن جي دوران ڏنل وضاحت موجب سپر فالوز جي ذريعي ٽوئٽر صارفين ڪوئنٽينٽ ڪري ايئرز جي مالي مدد ڪري نيوز ليٽر، خاص مواد ۽ ورچوئل بيجز وصول ڪري سگهندا. ياد رهي ته اڃان تائين ٽوئٽر جي آمدني جو ذريعو صرف اشتهارات ۽ پروموئڊ پوسٽس آهن پر سپر فالوز جي ذريعي هڪ نئون رستو کلندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔