تعليم پي ايڇ ايف جي ملڪ گير اسڪولز هاڪي ليگ 15 نومبر کان شروع ٿيندي

پاڪستان هاڪي فيڊريشن ملڪ گير اسڪولز هاڪي ليگ جي منظوري ڏني آهي، تعلقي، ضلعي ۽ ڊويزن سطح جون ميچون 15 نومبر کان شروع ٿينديون.
صوبائي مرحلو جنوري ۽ قومي مقابلا فيبروري ۾ ٿيندا. پهرين ٽن پوزيشنن واريون ٽيمون هڪ سال تائين مهيني وار وظيفو وٺنديون.
هر سال 100 ڇوڪرن ۽ 100 ڇوڪرين کي سمر ٽريننگ ڪئمپ لاءِ چونڊيو ويندو، فيڊريشن قومي راند کي هيٺئين سطح کان ٻيهر مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/phf-schools-hockey-league/






