Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
تعليم

سنڌ: خستہ عمارتن ۾ قائم اسڪولن ۾ پڙهائي فوري بند

شيئر ڪريو
سنڌ: خستہ عمارتن ۾ قائم اسڪولن ۾ پڙهائي فوري بند
Photo: DFID - UK Department for International Development / CC BY-SA 2.0, via Wikimedia Commons

سنڌ سرڪار خطرناڪ ۽ خستہ عمارتن ۾ هلندڙ خانگي اسڪولن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي جو اعلان ڪندي اهڙين عمارتن ۾ تعليمي سرگرميون فوري طور روڪي ڇڏيون آهن.

انسپيڪٽر 15 ڏينهن ۾ خانگي اسڪولن جي عمارتن جو سروي ڪندا ۽ خطرناڪ عمارتن وارن اسڪولن کي شاگرد محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻا پوندا. اهڙن اسڪولن جي رجسٽريشن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ اتي ئي رهندڙ اسڪول بند ٿي سگهن ٿا.

عملدارن کي غير رجسٽرڊ ادارن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ 15 ڏينهن اندر متاثر شاگردن جي تعداد ۽ هر عمارت جي حالت جي رپورٽ ڏيڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/sindh-unsafe-school-buildings-closure/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

74 خبرون