رانديون 8 عورت ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 27 نومبر 2026ع تي 2026-27ع جي سيزن لاءِ 8 عورت ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪي 30 جون 2027ع تائين لاڳو رهندا.منيبہ علي صديقي، نشره سنڌو ۽ سدره امين کي ڪيٽيگري بي ۾ برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته عائشه ظفر، گل فيروزه ۽ صدف شمس کي ڪيٽيگري سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.پي سي بي موجب، فاطمه ثنا ۽ سعديه اقبال کي مسلسل بهترين ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ ڪيٽيگري اي ۾ رکيو ويو آهي.سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگريز جو تعين رانديگرياڻين جي تازي فارم، فٽنيس ۽ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. عورت ڪرڪيٽرن جا سينٽرل ڪانٽريڪٽ 30 جون 2027ع تائين اثرائتا رهندا.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/8-%d8%b9%d9%88%d8%b1%d8%aa-%da%aa%d8%b1%da%aa%d9%8a%d9%bd%d8%b1%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%b3%d9%8a%d9%86%d9%bd%d8%b1%d9%84-%da%aa%d8%a7%d9%86%d9%bd%d8%b1%d9%8a%da%aa%d9%bd-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%d8%b9%d9%84/






