Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
رانديون

پاڪستان شاهينز جي ڀارت اي کي 48 رنسن تان شڪست

شيئر ڪريو
پاڪستان شاهينز جي ڀارت اي کي 48 رنسن تان شڪست

دوحا: قطر ۾ جاري ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز جي اهم مقابلي ۾ پاڪستان شاهينز شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ڀارت اي کي 48 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دوحا ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اننگ جي آخري اوور ۾ 313 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. اوپنرن شامل حسين ۽ معاذ صداقت ٽيم کي 66 رنسن جي شروعات ڏني. شامل حسين 33 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر روحيل نذير بنا کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿيو. معاذ صداقت ۽ حسن نواز ٽين وڪيٽ تي 54 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي. معاذ صداقت 59 رنسون ٺاهيون، ڪپتان عبدالصمد 28 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته حسن نواز پنج چوڪن ۽ چئن ڇڪن جي مدد سان 79 رنسون ٺاهيون. ٻئي پاسي فرحان يوسف 46 بالن تي 56 رنسون اسڪور ڪيون. ڀارت طرفان وپراج، سوريانش، پرنس ۽ هرشيت ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ڀارت اي جي شروعات سٺي نه رهي ۽ 26 رنسن تي ٻه وڪيٽون ڪري پيون. ڪپتان تلڪ ورما ۽ اڀيشيڪ شرما ٽين وڪيٽ تي 67 رنسون جوڙيون. اڀيشيڪ شرما ڇهن چوڪن ۽ ڇهن ڇڪن جي مدد سان 70 رنسون ٺاهيون. ان کانپوءِ ڀارتي بيٽنگ لائين دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي. ڪپتان تلڪ ورما ۽ شهبا ز احمد ستين وڪيٽ تي 112 رنسن جي ڀائيواري ڪري ٽيم کي مقابلي ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. شهبا ز احمد 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته تلڪ ورما 100 رنسن جي اننگز کيڏي آخري آئوٽ ٿيو. ڀارتي ٽيم 265 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان طرفان حسن نواز ۽ علي رضا ٽي ٽي، جڏهن ته عمران رندهاوا ٻه وڪيٽون ورتيون. ٽورنامينٽ ۾ ٻن ميچن ۾ ٻن ڪاميابين کانپوءِ پاڪستان جا چار پوائنٽ ٿي ويا آهن ۽ گرين شرٽس جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%8a%d9%86%d8%b2-%d8%ac%d9%8a-%da%80%d8%a7%d8%b1%d8%aa-%d8%a7%d9%8a-%da%a9%d9%8a-48-%d8%b1%d9%86%d8%b3%d9%86-%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d8%b4/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون