رانديون فيفا وومينز فٽبال ورلڊ ڪپ 2035ع جا 4 ميزبان ملڪ

دبئي : فيفا وومينز فٽبال ورلڊ ڪپ 2035ع جي ميزباني انگلينڊ، ويلز، اسڪاٽلينڊ ۽ اتر آئرلينڊ گڏيل طور ڪندا. ميڊيا رپورٽ موجب 1966ع ۾ مردن جي فٽبال ورلڊ ڪپ کانپوءِ پهريون ڀيرو هي ٽورنامينٽ برطانيا ۾ منعقد ٿيندو. 48 ٽيمن وچ ۾ 39 ڏينهن تائين جاري رهندڙ هن ٽورنامينٽ ۾ 104 ميچون کيڏيون وينديون.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%81%d9%8a%d9%81%d8%a7-%d9%88%d9%88%d9%85%d9%8a%d9%86%d8%b2-%d9%81%d9%bd%d8%a8%d8%a7%d9%84-%d9%88%d8%b1%d9%84%da%8a-%da%aa%d9%be-2035%d8%b9-%d8%ac%d8%a7-4-%d9%85%d9%8a%d8%b2%d8%a8%d8%a7%d9%86-%d9%85/






