تعليم سنڌ سرڪار ايم ڊي ڪيٽ 2026 ۾ بي ضابطگين جا الزام رد ڪري ڇڏيا

سنڌ جي صحت کاتي ايم ڊي ڪيٽ 2026 ۾ بي ضابطگين جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي اميدوارن ٻين ڊويزنن جي شاگردن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.
ڪراچي جي 9 هزار 505 اميدوارن جو سراسري اسڪور 107.67 رهيو ۽ 66.98 سيڪڙو 90 يا ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيون. سڄي سنڌ ۾ 33 هزار 336 مان 57.96 سيڪڙو اميدوار 90 کان مٿي رهيا، جڏهن ته سکر ۾ اها شرح 55.04، لاڙڪاڻي ۾ 54.50، شهيد بينظير آباد ۾ 53.62 ۽ حيدرآباد ۾ 52.34 سيڪڙو رهي.
کاتي پنهنجو جواب پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن سوشل ميڊيا تي پرچو ليڪ ٿيڻ جي الزامن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي خدشن کانپوءِ 5 آڪٽوبر تي انڪوائري گهري هئي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/sindh-rejects-mdcat-2026-irregularity-claims/






