Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سنڌ

پ پ نوجوانن کي تعليم، روزگار جا موقعا ڏئي رهي آهي، يوٿ ڪارڊ سنڌ حڪومت جو انقلابي قدم آهي: شرجيل ميمڻ

شيئر ڪريو
پ پ نوجوانن کي تعليم، روزگار جا موقعا ڏئي رهي آهي، يوٿ ڪارڊ سنڌ حڪومت جو انقلابي قدم آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ سنڌ حڪومت جو انقلابي قدم آهي.

پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول  ڀٽو جي اڳواڻي ۾ نوجوانن جي روشن مستقبل جي لاءِ ڪوشان آهي. سنڌ يوٿ ڪارڊ نوجوانن کي بينڪنگ، ڊيجيٽل سهولتون ۽ مالي مدد تائين  پهچ فراهم ڪندو.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ هڪ لک نوجوان سنڌ يوٿ ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. سنڌ يوٿ ڪارڊ جي ذريعي فائدو حاصل ڪندڙ نوجوانن جو تعداد 10 لک تائين وڌائڻ جو حدف آهي.

هن چيو ته نوجوانن کي ليپ ٽاپ، اسمارٽ فون، اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ ڪاروباري ضرورتن جي لاءِ رعايتي مالي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، پيپلز پارٽي نوجوانن سان صرف واعدا نه پر تعليم، روزگار ۽ ترقي جا عملي موقعا فراهم ڪري رهي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان جا نوجوان سنڌ جو مستقبل ئي نه پر اڄ جي سڀني کان وڏي طاقت آهن. سنڌ يوٿ ڪارڊ جي ذريعي نوجوانن کي اسڪالر شپ، فني تربيت، نوڪريون ۽ ڪاروبار جا موقعا ملندا.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be-%d9%be-%d9%86%d9%88%d8%ac%d9%88%d8%a7%d9%86%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d8%aa%d8%b9%d9%84%d9%8a%d9%85%d8%8c-%d8%b1%d9%88%d8%b2%da%af%d8%a7%d8%b1-%d8%ac%d8%a7-%d9%85%d9%88%d9%82%d8%b9%d8%a7-%da%8f%d8%a6/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون