رانديون ٽي ملڪي سيريز: سري لنڪا سنسني خيز مقابلي ۾ انگلينڊ کي ٻن وڪيٽن تان هارايو

راولپنڊي ۾ خميس تي ون ڊي ٽي ملڪي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ سري لنڪا انگلينڊ کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏني، کٽندڙ ٽيم هدف آخري اوور ۾ رڳو هڪ بال اڳ حاصل ڪيو.
ميزبان پاڪستان سميت ٽن ٽيمن جي هي سيريز 18 کان 31 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، پوائنٽس ٽيبل جون ٻه مٿيون ٽيمون فائنل کيڏنديون.
انگلينڊ جي اڳواڻي هيري بروڪ، سري لنڪا جي ڪوشل مينڊس ۽ پاڪستان جي شاهين شاهه آفريدي ڪري رهيو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/sri-lanka-beat-england-rawalpindi-tri-series/






