رانديون پاڪستان 110 رنن تي آئوٽ، سري لنڪا 8 وڪيٽن تان هارايو

ٽي ملڪي ون ڊي سيريز جي آخري ليگ ميچ ۾ پاڪستان جي سڄي ٽيم رڳو 110 رنن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ سري لنڪا 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي. کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر دلشان مدوشنڪا 34 رنن عيوض پنج وڪيٽون ورتيون.
بيٽنگ ڪوچ مائيڪ اسمٿ مڃيو ته ٽاپ آرڊر لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو صلاحيت سان کيڏي رهيو آهي، پر هن بابر اعظم ۽ فخر زمان تي ڀروسو ظاهر ڪيو.
ٻئي ٽيمون ڇنڇر 31 آڪٽوبر تي فائنل ۾ ٻيهر آمهون سامهون ٿينديون.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/pakistan-bowled-out-110-sri-lanka/






