ملڪ ۾ چئن مهينن جي وقفي کانپوءِ پوليو مهم شروع

اسلام آباد: ڪورونا وائرس سبب چار مهينا وقفي کانپوءِ ملڪ ۾ پوليو مهم اڄ وري شروع ٿيندي.
اين سي او سي موجب ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم نئين سر شروع ڪئي پئي وڃي، ڪورونا سبب 20 مارچ تي پوليو مهم معطل ٿي هئي.
ڪراچي، ڪوئيٽا، فيصل آباد، اٽڪ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليو مهم هلندي، جنهن ۾ 8 هزار هيلٿ ورڪرز حصو وٺندا.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته آگسٽ، سيپٽمبر ۾ وڏي پئماني تي پوليو جي خاتمي جي مهم هلائي ويندي، قومي پوليو مهم جو ٽيون مرحلو سال جي آخري ٽن مهينن تي ٻڌل هوندو.