اسٽيل ملز جي لاءِ تيار ڪيل منصوبو رڳو تباهي آهي، سمورن ملازمن کي نيڪالي نٿي ڏئي سگهجي،سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : گهڻي هوشياري اسٽيل ملز انتظاميا کي ڳچي ۾ پئجي ويندي، سُپريم ڪورٽ طرفان اسٽيل ملز ملازمن جي ترقين جي حوالي سان ڪيس تي ٻڌڻيءَ دوران ملز انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو ، وفاقي سرڪار کان اسٽيل ملز ڪيس بابت جامع رپورٽ طلب ڪئي وئي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسٽيل ملز جي لاءِ تيار ڪيل منصوبو رڳو تباهي آهي، ملز جي سمورن ملازمن کي نيڪالي نٿي ڏئي سگهجي، ائين ٿيو ته 5 هزار ڪيس ٺهي ويندا، اسٽيل ملز انتظاميا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ملازمن کي برطرف ڪرڻ لاءِ 40 ارب رُپيا گهربل هوندا، ملازمن جي نيڪالي آڏو انڊسٽريل رليشن قانون جي شق رنڊڪ پيدا ڪري سگهي ٿي، چيف جسٽس چيو ته رڳو هڪڙي شق نه، پر سڄو قانون توهان جي اڳيان رنڊڪ پيدا ڪري سگهي ٿو.