سنڌ پوليس ۾ ڪورونا متاثر اهلڪارن جو انگ 1925 تي پهچي ويو

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر آفيسرن ۽ اهلڪارن جو انگ 1925 تائين پهچي ويو. سنڌ پوليس جي ترجمان موجب گذريل ڏينهن دوران سنڌ پوليس ۾ ڪورونا جا 40 نوان ڪيس سامهون آيا. ڪورونا جي خلاف فرضن جي ادائيگي دوران 16 پوليس آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا، شهيد پوليس وارن مان 14 جو تعلق ڪراچي جڏن ته 2 جو حيدرآباد رينج سان هو. علاج هيٺ آفيسرن ۽ جوانن جو انگ 1 هزار 452 آهي جڏهن ته 457 آفيسر ۽ جوان صحتياب ٿي گهر وڃي چڪا آهن. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ڪورونا مان متاثر اهلڪارن جو مڪمل طور تي خيال رکيو پيو وڃي.