ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 61 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون

اسلام آباد؛ملڪ ۾ قاتل ڪرونا وائرس وڌيڪ 61 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، فوتين جو انگ 4 هزار 983 ٿي ويو، جڏهن ته 3 هزار 359 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 لک 40 هزار 848 تائين پهچي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 99 هزار 362، پنجاب ۾ 84 هزار 587، خيبرپختونخواهه ۾ 29 هزار 52 ۽ بلوچستان ۾ 11 هزار 52 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اسلام آباد ۾ 13 هزار 731، گلگت-بلتستان ۾ هڪ هزار 605 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 459 ڪيسز سامهون اچي چڪا آهن. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ هڪ هزار 955، سنڌ ۾ هڪ هزار 637، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 54، اسلام آباد ۾ 142، بلوچستان ۾ 124، آزاد ڪشمير ۾ 40 ۽ گلگت-بلتستان ۾ 31 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته هيل تائين ڪرونا وائرس جا هڪ لک 45 هزار 311 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن……