هنگو: خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعي هنگو طوڙه وڙي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري(ايف سي) جي پوسٽ تي عسڪريت پسندن جي حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا.
رپورٽ موجب ايس پي آپريشنز اسد زبير موجب دوآبه جي علائقي طوره وڙي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري قلعي تي حملو ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب دهشتگردن جي حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 3 جوان شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا.
ايس پي آپريشنز ٻڌايو ته پوليس ۽ ايف سي جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا، زخمي اهلڪارن کي دو آبه اسپتال منتقل ڪيو ويو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هنگو جي علائقي ۾ فيڊرل ريزرو پوليس جي قلعي تي فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته فيڊرل ريزرو پوليس جي جوانن حياتيون قربان ڪري ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ فيڊرل ريزرو پوليس جي 3 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد جوانن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زخمي جوانن کي علاج جون بهترين سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڏني. گهرو وزير چيو ته شهيد جوانن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا. شهيدن جي قرباني رائيگان نه ويندي. زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.