ڪراچي: يوٽيوب ويڊيو ڊائون لوڊ ڪري بعد ۾ بنا انٽرنيٽ ڏسڻ جي سهولت عام صارفين لاءِ مفت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هي سهولت اڳ ۾ پريميم صارفين ملندي هئي ۽ عام صارفين لاءِ مفت نه هئي. دنيا جي ڪجهه خطن ۾ اها مفت سهولت جلد فراهم ڪئي ويندي. مفت سروس ۾ ويڊيوز جي حد مقرر ڪئي ويندي ۽ مخصوص نمبر کان وڌيڪ ويڊيوز ڊائون لوڊ نه ٿي سگهندا. ها البته پريميم سروس وارن کي بنا لمٽ هي سهولت حاصل رهندي. اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته مفت ويڊيوز ڊائون لوڊ ڪر ڻ جي حد ڪيتري هوندي ۽ اڳ ۾ ڪهڙي خطي ۾ اها سهولت بحال ٿيندي.