لاهور: سوئي نادردن طرفان هڪ دفعو ٻيهر گيس مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. سوئي ناردن گيس ڪمپني پنهنجا شاهاڻه خرچ ۽ لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ جي بجاءِ آسان رستو ڪڍي ورتو هڪ دفعو ٻيهر اوگرا کان 291 روپيه في ايم ايم پي ٽي يو اضافو گهري ورتو. اهو اضافو گيس ۽ انهي جي ٽرانسپورٽيشن جي مد ۾ گهريو ويو آهي.
چيئرمين اوگرا جو چوڻ آهي ته فيصلو ڪمپنين ۽ صارفين ٻنهي جي مفاد کي سامهون رکي ڪيو ويندو پر ٽيرف وڌائڻ مجبوري آهي. اوگرا قيمت ۾ اضافي جي لاءِ عوامي ٻڌڻي لاهور سوئي گيس هيڊ آفيس ۾ ڪئي، جنهن ۾ سوئي ناردرن گيس ڪمپني اختيارين ۽ صارفين پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو. چيئرمين اوگرا مسرور احمد خان چيو ته گيس جي قيمتن ۾ صارفين کي رليف ڏيڻ جي لاءِ سوئي گيس ڪمپنين جي بينچ مارڪ کي سخت ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته 84 ارب روپين جي بينچ مارڪ جي مد ۾ سوئي نادرن گيس ڪمپني جي ڪٽوتي جي سوئي سدرن گيس ڪمپني جي 57 ارب روپين جي ڪٽوتي ڪئي. گڏيل طور تي 141 ارب روپين جي روينيو ريڪوائرمنٽ رد ڪئي. هن ٻڌايو ته قيمتون ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ٻنهي گيس ڪمپنين جي به خبر آهي انهن جي مالي خساري کي به ڏسڻو آهي.
ٻڌڻي جي دوران سي اين جي ۽ ٽيڪسٽائيل سميت ٻين انڊسٽريل صارفين انهي جي سخت مخالفت ڪئي. سي اين جي ايسوسيئيشن جي صدر غياث پراچه چيو ته سوئي ناردرن پنهنجا خرچ گهٽ ڪري سمورو بار صارفين تي وجهي رهي آهي. سوئي ناردرن پهريان 271 روپيه اضافو گهريو هو ۽ هاڻ 20 روپيه ايل اين جي جي ٽرانسپورٽيشن چاجز به شامل ڪري وڌايا ويا آهن.
هن چيو ته گيس وڏي مقدار ۾ موجود آهي پر صارفين کي نه پئي ملي. گهريلو ڪمرشل ۽ انڊسٽريل صارفين لاءِ لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ماڻهو ايل پي جي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن. هن مطالبو ڪيو ته گيس ڏيو ۽ قيمت به گهٽ ڪريو. ٻڌڻي ۾ گيس جي قيمتن ۾ اضافي خلاف صارفين طرفان به سخت تنقيد ڪئي وئي جنهن تي چيئرمين اوگرا چيو ته ڪوشش هوندي ته گهٽ کان ٽيرف وڌايو وڃي جيئن ڪنهن تي به بار نه پوي.