سنڌ روشن پروگرام ۾ مبينا گهوٻين وارو اسڪينڊل،مراد علي شاهه پاران اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار

ڪراچي :سنڌ روشن پروگرام ۾ مبينا گهوٻين واري اسڪينڊل جي جاچ جي سلسلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيب روالپنڊي کيس ٻيهر طلبي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، 8 جولاءِ تي پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ نيب ذريعن چيو آهي ته مراد علي شاهه کي 28 سوالن جا جواب ڏيڻا آهن، نيب کيس ٻيهر طلب ڪيو آهي.