اسلام آباد ۾ يوم دفاع کان اڳ حملي جو منصوبو ناڪام، خودڪش بمبار گرفتار

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني کي يوم دفاع کان اڳ بنون ڪينٽ جيان حملي کان بچايو ويو آهي. رپورٽ موجب وقت تي اطلاع ملڻ تي سول انٽيليجنس ايجنسي اهم سهولتڪارن ۽ هڪ خودڪش بمبار کي گرفتار ڪري ورتو جيڪي هڪ حساس ٺڪاڻي کي نشانو بنائڻ جو منصوبو بنائي رهيا هئا، حملو بنيان جيان هو اهو منصوبو انهي گروپ ٺاهيو جنهن جي قيادت ماضي ۾ نور ولي محسود ڪندو هو.

انهي منصوبي جي عملي ذميواري قلعه عبدالله(بلوچستان) جي هڪ شخص کي ڏني وئي جيڪو اسلام آباد جي هوٽل انڊسٽري ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ واپس  پنهنجي والد(درزي) وٽ آيو هو، هاڻ هو جاڙن شهرن(اسلام آباد، راولپنڊي) جي لاءِ ڪمانڊر جي طور تي ڪم ڪري رهيو هو. گرفتار خودڪش بمبار هڪ افغان شهري آهي جيڪو ڪابل ۾ مزدوري ڪندو هو جنهن کان پوءِ اهو ٽي ٽي پي سان جڙي ويو.

جاچ ۾ شامل هڪ اهلڪار موجب بمبار افغانستان جي صوبي پڪتيڪا ۾ واقع الفاروق فدائي ڪيمپ ۾ تربيت حاصل ڪئي جتي ان جي انسٽرڪچر مخلص يار(عرف حاجي لالا) هو جيڪو ڏکڻ وزيرستان جو رهواسي ۽ نور ولي محسود، حڪيم الله محسود جو ويجهو ساٿي آهي. ڪمانڊر ۽ بمبار ٻئي انهي ڪيمپ مان فارغ  ٿيل آهن. ڪمانڊر جو شروعاتي ڪم جاڙن شهرن ۾ حساس هنڌن جي ريڪي ڪرڻ هو جون ۾ اهو افغانستان ويو جتي اسلام آباد جي ٽارگيٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي.

Attack planned before Defense Day in Islamabad failed