پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 68 ماڻهو فوت

اسلام آباد :سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيل وڌيڪ 68 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا،موذي مرض جا 3 هزار 387 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 لک 25 هزار 283 ٿي ويو آهي، عالمي وبا سبب ملڪ ۾ فوتين جو ڪُل انگ 4 هزار 619 ٿي ويو، هيل تائين هڪ لک 25 هزار95 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.