سنڌ جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ جا اختيار پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه حوالي

ڪراچي:سنڌ سرڪار صوبي جي سمورين نجي توڙي سرڪاري يونيورسٽيز ۾ ميڊيڪل جي شاگردن جي داخلا لاءِ ٽيسٽ جا اختيار پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نواب شاهه کي ڏئي ڇڏيا، صحت کاتي جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ سال 21-2020 جي سيشن لاءِ شاگردن کان ٽيسٽ نواب شاهه جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي طرفان ورتي ويندي، 30 جون تي جاري ٿيل نوٽيفڪيشن جون ڪاپيز سمورين يونيورسٽيز ڏانهن به اُماڻيون ويون.