ڪراچي: پاڪستان اسٽاج ايڪسچينج تي حملي جو ڪيس دهشتگردي جي انت واري(سي ٽي ڊي) ٿاڻي ۾ سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ڪيس ۾ دهشتگردي، ايڪسپلوزو ايڪٽ ۽ قتل سميت ٻيا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن. ڪيس نامعلوم دهشتگردن جي خلاف داخل ڪيو ويو.
جنهن ۾ جوابدارن کان ملندڙ سمورين مشين گنز جا نمبرز به داخل آهن جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج مان قبضي ۾ ورتل 2 موبائل فون جو رڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب قبضي ۾ ورتل موبائل فونن مان هڪ موبائل فون اينڊرائڊ جڏهن ته هڪ سادو موبائل هو.