ڪراچي ۾قهر جي گرمي ۽ بجلي جي بحران شهرين جو متيون منجهائي ڇڏيون

ڪراچي : ڪراچي ۾قهر جي گرمي ۽ بجلي جي بحران شهرين جو متيون منجهائي ڇڏيون، ڪٿي 8 ته ڪٿي 12-12ڪلاڪ بجلي بند، گهرڻ ۾رهڻ ڏکيو ٿي ويو، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي فراهمي بهتر ٿي آهي، رات 12 کان صبح 7 وڳي تائين بنا لوڊشيڊنگ بجلي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، بجلي فراهمي جلد معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.