سيٽ تي هراسان ڪيو ويو، الله جو شڪر آهي بچي ويس: ميمونا قدوس

ڪراچي : اداڪارا ميمونه قدوس پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن جو هڪ ڏکوئيندڙ تجربو شيئر ڪيو آهي . تازو هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ميمونه قدوس پنهنجي پهرين ڊرامي جي سيٽ تي پيش آيل واقعي کي ” ڀوائتو “ قرار ڏيندي چيو ته هوءَ ان پروجيڪٽ جو نالو به وٺڻ نٿي چاهي. هن ٻڌايو ته ڊرامي جي سيٽ تي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سميت ڪيترن ئي ماڻهن جو رويو تمام غير پيشوراڻو هو. هن دعويٰ ڪئي ته سڀني جون نظرون مٿس کُتل هيون، پر هن الله جو شڪر ادا ڪيو ته ڪنهن جي به نيت پوري نه ٿي سگهي. ميمونه قدوس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اداڪارا کي ڪنهن چئنل يا ايجنسي جي ذريعي ڪاسٽ ڪيو وڃي ته اهڙا مسئلا نه ٿيندا آهن، پر جڏهن سڌي ريت هدايتڪار ڪاسٽ ڪري ته خطرا وڌي وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هي تجريو سندس لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ هو ۽ هوءَ ڪڏهن به ان کي ياد ڪرڻ نٿي چاهي.

Harassed on set