ڪوئيٽا : ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موبائل فون انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي.اختيارين موجب، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي موبائل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس بحال ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته 6 آگسٽ کان سڄي صوبي ۾ موبائل فون انٽرنيٽ سروس معطل هئي. ڪالهه هاءِ ڪورٽ موبائل فون انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.