سنڌ حڪومت عورتن کي 10 هزار مفت اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون ڏيڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي:سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ عورتن کي 10 هزار مفت اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي 10 هزار مفت اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جي لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو ته اها اسڪيم آلودگي ۾ گهٽتائي، حفاظت ۾ بهتري ۽ عورتن کي بااختيار بنائيندي

سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ موجب مفت اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن جي لاءِ 20 سيڪڙو اقليتي ڪوٽه رکيو ويو آهي، اهليت جي معيار ۾ 20 کان 45 سالن جون صنعتي عورتون شامل هونديون. چونڊ جي لاءِ ڊيجيٽل قرعه اندازي ڪئي ويندي.

اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون حاصل ڪرڻ جي لاءِ  درخواستون سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ويب سائيٽ ڊبليو ڊبليو بي ايس(wwbs)  تي جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. درخواستن جي تصديق اي او بي آءِ/سيسي ۽ آجر جي سرٽيفڪيٽ ذريعي ڪئي ويندي.