ڀارت خلاف پاڪستاني ميزائلن جي ڪاميابي آمريڪا کي نوان ميزائل ٺاهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: آمريڪي ميگزين بلوم برگ جي هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان فضائيه  چين جي تيار ڪيل ميزائل پي ايل 15 کي استعمال ڪندي ڀارتي جنگي جهازن کي 100 ميل کان وڌيڪ فاصلي سان ڪاميابي سان نشانو بنايو، انهي ڪارروائي جي دوران پاڪستاني  جهازن کي  جوابي حملي جو ڪوبه خطرو پيش نه آيو.

اهو ڪامياب تجربو نه صرف خطي ۾ پر عالمي سطح تي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ فضائي هٿيارن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جو سبب بڻيو. انهي کان پوءِ آمريڪي فوج کي پنهنجي فضائي برتري برقرار رکڻ جي لاءِ فوري طور تي نئين حڪمت عملي اپنائڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.

پينٽاگون جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني فضائيه 2023 ۾ پي ايل 17 کي عملي طور تي فعال ڪري ڇڏيو هو. اهو ميزائل پي ايل 15 جو جديد ورزن آهي جيڪو 400 ڪلو ميٽر يعني تقريبن 248 ميل تائين پنهنجي حدف کي ڪاميابي سان نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پاڪستان جي انهي ڪامياب آپريشن خطي ۾ فضائي طاقت جو توازن تبديل ڪيو، انهي جي جواب ۾ آمريڪي فضائيه ۽ بحريه لاڪ هيڊ مارٽن جي ڳجهي منصوبي(اي آءِ ايم 260) تي ڪم تيز ڪرڻ جي لاءِ مالي سال 2026 ۾ هڪ ارب ڊالر جي فنڊنگ جي درخواست ڪئي آهي.

اي آءِ ايم 260 جهڙي (جوائنٽ ايڊوانسڊ ٽيڪنيڪل ميزائل) به چيو ويندو آهي. خاص طور تي ايف 22 ۽ ايف 35 جهازن جي اندروني هٿيارن  جي خانن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. مستقبل ۾ اهڙا ايف 16، ايف 15 ۽ ڊرون جنگي جهازن سان به جوڙڻ جو منصوبو آهي.

آمريڪي فضائيه موجب پاڪستان ڪي پي ايل 15 جي ڪامياب استعمال اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪي فضائي برتري کي چيلينج ڪندڙ نوان خطرا هاڻ حقيقي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. انهن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جديد ۽ وڌيڪ موثر ميزائل جي تياري ضروري آهي.

دستاويزات سان خبر پئي ٿي ته آمريڪي فضائيه ميزائل جي تياري لاءِ 368 ملين ڊالر ۽ اضافي 300 ملين ڊالر جي درخواست ڏني آهي. جڏهن ته بحريه 301 ملين ڊالر رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهو نئون ميزائل موجوده اي آءِ ايم 120 ايمرام جي جڳهه وٺندو جيڪو 1993 کان استعمال هيٺ آهي. هينئر تائين انهي منصوبي تي 350 ملين ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته لاڪ هيڊ مارٽن کي انهي جي ترقياتي ذميواري آگسٽ 2017 ۾ ڏني وئي هئي.