ڪراچي: سنڌ ڪابينه جي 3 وزيرن کي يونيورسٽين جو پرو چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ ڪابينه جي 3 وزيرن کي يونيورسٽين جو پرو اچنسلر مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ حسين لنجار لا يونيورسٽيز جو پرو چانسلر هوندو.
يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جو تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه جنرل يونيورسٽي جو پرو چانسلر هوندو. جڏهن ته آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو انجنيئرنگ يونيورسٽي جو پرو چانسلر هوندو.
ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ استادن ۽ وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن(ايڇ اي سي) سنڌ جي يونيورسٽين ۾ بيورو ڪريٽس کي وائس چانسلر لڳائڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي هئي.
چيئرمين هائر ايجوڪيشن ڪميشن ڊاڪٽر مختار احمد وائس چانسلر جي مقرري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اهليت تي عمل ڪرڻ اڻوڻندڙ قرار ڏنو هو. هن نجي چينل سان خصوصي ڳالهين ۾ چيو هو ته ضرورت پئي ته ڪراچي پهچي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندس.
ڊاڪٽر مختار احمد چيو هو ته انهي قدم سان تعليمي معيار تي سنگين نتيجا پوندا. يونيورسٽين جي تعليمي آزادي ۽ انتظامي معاملا متاثر ٿيندا ۽ اصلاحات جي بجاءِ مسئلا جنم وٺندا.