غزه ۾ اسرائيلي حملي ۾ فلسطيني فٽبالر مارجي ويو

غزه : غزه جي ماڻهن تي اسرائيلي فوج جا ظلم جاري آهن، غزه ۾ هڪ گهر تي هوائي حملي ۾ هڪ فلسطيني فٽبالر شهيد ٿي ويو.فلسطيني فٽبال ايسوسيئيشن مهند الليل جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته هو خدامات المغازي ڪلب جو حصو هو.فلسطيني نيوز ايجنسي جي مطابق، سومر تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ فٽبالر جي گهر کي نشانو بڻايو ويو. الليل حملي ۾ سخت زخمي ٿيو ۽ هاڻي زخمن جي سٽ نه سهندي شهيد ٿي ويو.فلسطيني فٽبال ايسوسيئيشن X تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ مختلف راندين جا 585 رانديگر شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 265 فٽبالر شامل آهن.فلسطيني فٽبال ايسوسيئيشن عالمي فٽبال تنظيم فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته غزه تي سخت جنگ جي ڪري اسرائيلي فٽبال ٽيم تي پابندي لڳائي وڃي.