اسلام آباد: صدر آصف علي زرداي، وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير فتنته الهندوستان جي ناپاڪ ۽ دهشتگردانه ارادن کي ناڪام بنائڻ تي پاڪ فوج جي ڪارروائين جي تعريف ڪندي چيو آهي ته قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي.
صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ ڀارتي حمايت يافته 30 خوارج جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائين جي دوران فتنته الخوارج جي 30 دهشتگردن جي مارجي وڃن تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري جي تعريف ڪئي.
پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جو ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ خوشي جوڳو آهي. دهشتگرد عناصر جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جا ارادا نه ٽٽڻ جوڳا آهن. هن فتنته الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي ارادن جو به اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد گروپ فتنته الخوارج جي دهشتگردن طرفان ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ پاڪستان افغان بارڊر جي ڀرسان دراندازي ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم دراندازي جي ڪوشش ناڪام بنائيندي 30 خوارجي دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي بهادر فوج هميشه جبل جيان بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاڪ افغان سرحد تان فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروايون ڪري فتنته الهندستان جي 30 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو. فتنته الهندستان جي 30 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي سيڪيورٽي فورسز وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشه وارانه صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين کي تحسين جي نگاهه سان ڏسي ٿي، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشه وارانه مهارت ۽ جرئت تي ناز آهي، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي.