نئين مالي سال جي شروعات! بجيٽ تي عمل شروع، اربين روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو

اسلام آباد: ملڪ ۾ اڄ پهرين جولاءِ کان نئين مالي سال جي شروعات ٿي وئي جنهن سان گڏ ئي بجيٽ 26-2025 تي به عمل شروع ٿي ويو آهي.

نئين بجيٽ موجب 389 ارب جي انفورسمنٽ قدمن ۽ 312 ارب جا نوان ٽيڪس لڳي ويا آهن. ميوچل فنڊ جي ذريعي سرمائيڪاري تي لڳايل 25 سيڪڙو ٽيڪس وڌي 29 سيڪڙو ٿي ويو آهي جڏهن ته سولر پينلز جي وڪرو تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

بجيٽ 26-2025 کان پوءِ ايف بي آر کي ڪاروبار لاءِ رجسٽرڊ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر جي ٽرانزيڪشن چيڪ ڪرڻ جو اختيار ملي ويو آهي، ٽي بلز ۽ پاڪستان انويسٽمنٽ بانڊز ۾ سرمائيڪاري تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اي ڪامرس ۽ آن لائن ڪاروبار ڪندڙن لاءِ ايف بي آر رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي.

ٻئي طرف حڪومت کي پيٽروليم ڊوالپمينٽ ليوي شرح  90 روپين تائين وڌائڻ جي اجازت ملي وئي آهي، نئين مالي سال سان ئي پگهارن تي نئين ٽيڪس سليب تي به عمل شروع ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري فنانس بل 26-2025 تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، صدر جي منظوري کان پوءِ فنانس بل لاڳو ٿي ويو آهي.