پاڪستان ريلوي 16 مسافر ٽرينن مان 30 ڪوچ گهٽائي ڇڏيا

لاهور: پاڪستان ريلوي ملڪ ۾ هلندڙ 16 مسافر ٽرينن مان ڪوچن جو تعداد 30 گهٽائي ڇڏيو آهي. ريلوي کاتي جي هڪ نوٽيفڪيشن موجب، ريلوي کي مسافر ڪوچن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ريلوي بولان ميل سميت 16 ٽرينن مان 30 ڪوچ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ريلوي عملدارن موجب، انهن ٽرينن ۾ خبير ميل، تيز گام، هزاره ايڪسپريس، عوام ايڪسپريس، ڪراچي ايڪسپريس، ملت ايڪسپريس، ذڪريا ايڪسپريس ۽ فريد ايڪسپريس شامل آهن. ان کان علاوه قراقرم ايڪسپريس، سبڪ پيرپٽ، شاهه حسين ايڪسپريس، پاڪستان ايڪسپريس، اسلام آباد ايڪسپريس ۽ سکر ايڪسپريس پڻ انهن ٽرينن ۾ شامل آهن جن جي ڪوچن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ريلوي کاتي ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين هفتي ۾ ٻه ڀيرا هلندڙ بولان ميل کي به روزانو هلائڻ بدران 12 ڪوچن مان 9 ڪوچن تائين گهٽائي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي 25 مارچ تي ڪوئيٽا جي دوري دوران اعلان ڪيو هو ته بولان ميل پهرين اپريل کان روزانو هلندي، جنهن تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي.