رونالڊو سعودي ڪلب النصر سان معاهدو وڌائي ڇڏيو

ڪراچي: فٽبال جي دنيا جي سپر اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي موجوده سعودي فٽبال ڪلب “النصر” سان معاهدي ۾ 2 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. بين الاقوامي خابرو اداري “رائٽرز” جي رپورٽ موجب، 40 ورهين جي عمر وارو ڪرسٽيانو رونالڊو النصر سان 2 ساله واڌ واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي پريميئر ليگ پاران خميس، 26 جون تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته هن معاهدي تحت پرتگالي فارورڊ 42 ورهين جي عمر تائين النصر ڪلب سان وابسته رهندو. جنهن جي بدلي کيس 188 ملين يورو (61 ارب 50 ڪروڙ روپيا) ساليانو معاوضو ملندو. ڪرسٽيانو رونالڊو 2022 ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ کي الوداع ڪري النصر ۾ شامل ٿيو هو. هو هن وقت تائين النصر لاءِ 105 ميچن ۾ 93 گول ڪري چڪو آهي. معاهدي جي واڌ تي، رونالڊو “ايڪس” (سابق ٽوئٽر) تي لکيو: “هڪ نئون باب شروع ٿي رهيو آهي، ساڳيو جذبو، ساڳيو خواب، اچو ته گڏجي تاريخ لکون.” رونالڊو 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ کان پوءِ النصر سان اڍائي سالن جي معاهدي تحت شامل ٿيو هو. فوربز موجب، ان معاهدي کان پوءِ هو گذريل 3 سالن دوران دنيا جو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ رانديگر بڻجي ويو. 40 ورهين جي عمر ۾ سندس سالياني آمدني جو اندازو لڳ ڀڳ 275 ملين ڊالر لڳائي وئي آهي. رونالڊو هن مهيني پرتگال جي اڳواڻي ڪندي پاڙيسري ملڪ اسپين کي فائنل ۾ شڪست ڏئي UEFA Nations League جو ٻيو ٽائٽل به کٽي چڪو آهي. ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي ڪيريئر دوران 1,000 گولز جو هدف پڻ مقرر ڪيو آهي، هن مختلف ڪلبن لاءِ 794 ۽ پرتگال جي قومي ٽيم لاءِ 138 گول ڪري، مجموعي طور 932 گول مڪمل ڪري ورتا آهن.