بيجنگ: چيني سائنسدانن جي هڪ ٽيم هڪ نئون جين ايڊٽنگ اوزار تيار ڪيو آهي، جنهن جو نالو ساءِ ڊنٽ آهي. هي اوزار CRISPR ٽيڪنالاجي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪارائتو آهي ۽ ان کي مائيٽوڪونڊريا ۽ ڪلوراپلاسٽس جي ڊي اين اي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. CyDENT هڪ پروٽين بيسڊ اوزار آهي، جيڪو گائيڊ آر اين اي تي ڀاڙڻ بدران پروٽين سگنل ذريعي ايڊيٽر کي سيل جي اندر وٺي وڃي ٿو. ان طريقي سان گائيڊ آر اين اي جي ضرورت نه ٿي پوي، جنهن ڪري CyDENT، خاص طور تي مائيٽوڪونڊريا ۽ ڪلوراپلاسٽس جي ڊي اين اي کي ايڊٽ ڪرڻ ۾، CRISPR-Cas9 کان وڌيڪ اثرائتو آهي.
هي اوزار ڪم ڪيئن ڪري ٿو:
سڀ کان پهرين، CyDENT transcription-activator-like effector (TALEs) جي مدد سان ٽارگيٽ ڊي اين اي سيڪوئنس سان ڳنڍجي ٿو. پوءِ FokI nickase ان جڳهه تي ڊي اين اي کي ڪٽي ٿو، جنهن سان سنگل-اسٽرينڊ ڊي اين اي جو سبسٽريٽ تيار ٿئي ٿو. پوءِ هڪ cytidine deaminase نالي اينزائم، سنگل-اسٽرينڊ ڊي اين اي ۾ موجود سائٽيڊينز (C) کي يوريڪلز (U) ۾ تبديل ڪري ٿو. بعد ۾، سيل جو ڊي اين اي مرمت وارو نظام انهن يوريڪلز کي واپس سائٽيڊينز ۾ تبديل ڪري ٿو. هن عمل کي بَيس ايڊيٽنگ چيو ويندو آهي. هي نئون اوزار انهن بيمارين جي علاج لاءِ اميد پيدا ڪري ٿو، جيڪي مائيٽوڪونڊريا جي ڊي اين اي جي خرابين سبب ٿين ٿيون. ان کانسواءِ، ان کي زرعي فصلن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو. هن اوزر ذريعي بيماري م مبتلا ڪوئن تي ڪاميابي سان آزمايو ويو آهي. هي تحقيق ۽ اوزار جي تياري اوڀر چائنا نارمل يونيورسٽي ۽ لنگينگ ليبارٽري جي ماهرن ڪئي آهي.