انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست،گواسڪر جي تنقيد

ممبئي : انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست کان پوءِ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر پنهنجي ئي ٽيم تي تنقيد ڪئي. سنيل گواسڪر چيو آهي ته فتح جو ڪريڊٽ انگلينڊ کي وڃي ٿو، ڀارت جي 5 سينچرين جي باوجود انگلينڊ پراعتماد هو، ڀارتي ٽيم موقعو وڃائي ڇڏيو، اضافي رنسن وڏو فرق پيدا ڪيو. هن چيو ته جيستائين فيلڊنگ جو تعلق آهي، نه رڳو ڪيچ پر آئوٽ فيلڊنگ به تمام معمولي سطح جي هئي، فيلڊنگ ٽيسٽ ڪلاس جي نه هئي.اڳوڻي ڀارتي ڪپتان چيو ته پچ بيٽنگ لاءِ تمام سٺي هئي ۽ بالرن تي تنقيد ڪرڻ ڏکيو هو. هي پهريون ٽيسٽ ميچ هو. اميد آهي ته رانديگرن پنهنجو سبق سکيو هوندو. ايندڙ ٽيسٽ لاءِ 8 ڏينهن باقي آهن. ايندڙ 2 ڏينهن جي موڪل وٺو ۽ پوءِ سنجيدگي سان مشق ڪريو. اختياري مشق کي هڪ طرف رکو.سنيل گواسڪر وڌيڪ چيو ته توهان هتي هندستان لاءِ کيڏڻ آيا آهيو، تنهنڪري اهڙي طرح مشق ڪريو جو توهان پنهنجو بهترين ڏيو.ياد رهي ته 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ ليڊز جي ميدان تي ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

Defeat in the first Test match against England