ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ(ڪي اليڪٽرڪ) طرفان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

رپورٽ موجب ڪراچي جي رهائشي علائقن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئِي پئي وڃي جڏهن ته صنعتي علائقن ۾ 4 کان 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي ۾ بجلي جي طلب ۾ فرق 700 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي ۽ نارٿ ڪراچي، اورنگي ٽائون، گلشن اقبال، ۽ ناظم آباد ۾ رات دير کان بجلي معطل آهي. ڪي اليڪٽرڪ  جو چوڻ آهي ته ڪيبل فالٽ ۽ پي ايم ٽي ۾ خرابي سبب  بجلي جي فراهمي معطل آهي.

اداري طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته فرنس آئل ۽ گيس جي فراهمي تائين لوڊ شيڊنگ جاري رهندي. ٻه ڏينهن اڳ ڪي اليڪٽرڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪراچي ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق 600 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان فرنس آئل جي کوٽ جو جواز ٻڌائي بجلي جي پيداوار 2200 ميگاوات تائين محدود ڪئي وئي آهي. بجلي جي پيداوار ۾ کوٽ سبب ڪراچي جي رهائشي علائقن ۾ 6 کان 12 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي