قومي سلامتي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ جو چين جو دورو، سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي قومي سلامتي صلاحڪار ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ چين جو دورو ڪيو آهي جتي قيادت سان ملاقاتن ۾ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

قومي سلامتي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ چين جو دورو ڪيو آهي جتي هن شنگھائي تعاون تنظيم جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽرين جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

قومي سلامتي صلاحڪار اجلاس ۾ عالمي صورتحال ۽ امن ۽ سلامتي تي پاڪستان جي موقف کي ورجايو.

ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ چين جي پنهنجي دوري دوران چيني قيادت سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان طرفان پرامن پاڙيسري جو پيغام پهچايو. چيني قيادت سان ملاقاتن ۾ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.