هاڻي واٽس ايپ تي وسري ويل پيغام ٻيهر موڪلي سگهجن ٿا

واٽس ايپ هڪ نئون ۽ ڪارائتو فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي، جنهن جو مقصد واهپيدارن کي اڻپورا رهجي ويل پيغام ڳولي مڪمل ڪرڻ ۽ موڪلڻ ۾ آسان بڻائڻ آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، هي نئون فيچر خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ سازگار ثابت ٿيندو، جڏهن صارف ڪنهن چيٽ ۾ پيغام لکڻ وقت سينڊ ڪرڻ وساري ويهي ٿو يا ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو.
واٽس ايپ هاڻ اهڙن ”ڊرافٽ” پيغامن کي سڃاڻڻ ۽ ٻيهر استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ نئون فلٽر متعارف ڪرائي رهيو آهي.
جئين ته هن وقت واهپيدارن کي ڊرافٽ پيغامن جي ڳولا لاءِ سڄي چيٽ لسٽ اسڪين ڪرڻي پوي ٿي، جيڪو ڏاڍو ٿڪائيندڙ عمل آهي، خاص ڪري انهن واهپيدارن لاءِ جن وٽ واٽس ايپ تي ڪيئي چيٽس موجود آهن.
نئون ڊرافٽ فلٽر واٽس ايپ جي ٻين فلٽرز وانگر جهڙوڪ اَن ريڊ، گروپس، آل وغيره جي ڀرسان موجود هوندو، ان ۾ اهي سمورا پيغام ظاهر ٿيندا جيڪي ڪنهن به چيٽ ۾ لکي موڪلڻ کان اڳ رهجي ويا هئا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊرافٽ فلٽر هڪ پري سيٽ آپشن هوندو، يعني صارف پاڻ ان کي سيٽ نه ڪري سگهندو، پر واٽس ايپ پاڻمرادو ان فيچر کي فعال ڪندو. هار پر واهپيدار کي اهو اختيار هوندو ته هو ڊرافٽ فلٽر کي ڊس ايبل ڪري سگهي.
هن فيچر جي آزمائش واٽس ايپ جي نئين اينڊرائيڊ بيٽا ورزن ۾ جاري آهي ۽ امڪان آهي ته جلد ئي اهو سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ دستياب ڪيو ويندو.