شڪست کاڌل ڀارت دهشتگردن ذريعي هائبرڊ جنگ کي هٿي ڏي پيو

راولپنڊي : فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ آهي ته ڀارت جنهن کي “معرقه حق” ۾ شڪست ملي آهي، دهشتگرد گروپن ذريعي هائبرڊ جنگ کي فروغ ڏئي رهيو آهي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي مطابق، فيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي 16 هين سيشن جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن ۽ تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي.ڀارت جي دهشتگرد عنصرن جي سرپرستي جي مذمت ڪندي، فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته ڀارت کي “معرق حق ” ۾ شڪست ملي آهي، ڀارت دهشتگرد گروپن ذريعي هائبرڊ جنگ کي فروغ ڏئي رهيو آهي، اهي گروپ ۾ به معرق حق ۾ ڀارت وانگر ذلت آميز شڪست جهڙو منهن ڏسندا،هن چيو ته دهشتگردي کي مذهب، فرقي ۽ نسل جي ڪا به اهميت نه آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي اجتماعي عزم ۽ يڪجهتي تمام ضروري آهي. فيلڊ مارشل ڀارت جي دهشتگرد عنصرن جي سرپرستي کي بلوچستان جي عوام جي حب الوطني کي نشانو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته ملڪ کي اندروني يا بيروني خطرن جي صورت ۾ عوام جي قومي وقار ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. فيلڊ مارشل عاصم منير بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪندي، سڀني ادارن جي وچ ۾ باهمي تعاون ۽ هڪ مربوط قومي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.