ماسڪو: روس جي اوڀارين علائقي ڪماچتڪا جزيري تي 8.8 جي شدت جو زلزلو آيو آهي جنهن سبب ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان رسيو آهي.زلزلي سبب 4 ميٽڙ اونڍون سامونڊي لهرن جو سونامي آيو آهي. چين، جاپان، هوائي ۽ چلي سميت ڪيترن ملڪن سونامي جو چتاءُ ڏيندي ڪجهه علائقا خالي ڪرايا آهن. ابتدائي اطلاعن موجب زلزلي سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. اربع ڏينهن آيل هي زلزلو 1952 کان پوءِ هن علائقي ۾ سڀ کان طاقتور زلزلو ٻڌايو پيو وڃي. جاپان جي اوڀر ساحلي علائقو، جيڪو 2011 جي زلزلي ۽ سونامي سبب برباد ٿيو هو، ان علائقي مان ماڻهن کي هاڻي محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو۔ ڪماچاتڪا جي گورنر ولاديمير سولوڊوف ٽيليگرام تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو: “اڄ جو زلزلو تمام سنجيده هو، ۽ ڏهاڪن کانپوءِ ايترو زورائتو زلزلو ڏٺو ويو آهي.” علائقي جي ايمرجنسي کاتي جي وزير سرگئي ليبيديئو چيو: ڪماچاتڪا جي ڪجهه حصن ۾ 3 کان 4 ميٽر (10–13 فٽ) اوچائيءَ جو سونامي رڪارڊ ڪيو ويو، ۽ ماڻهن کي سمنڊ کان پري رهڻ جي هدايت ڏني وئي۔روسي اختيارين موجب سونامي بندرگاهه واري شهر سيويرو-ڪورلسڪ کي لڳو ۽ ان کي ٻوڙي ڇڏيو، جڏهن ته مقامي ميڊيا مطابق ايليزووسڪي ضلعي ۾ به 3 کان 4 ميٽر اوچيون لهرون رڪارڊ ٿيون آهن۔ يو ايس جيولوجيڪل سروي (USGS)موجب زلزلو مقامي وقت مطابق صبح 8:24 تي پيٽروپاولووسڪ جي ڀرسان آيو ۽ اهو دنيا جي 10 سڀ کان وڏن زلزلي مان هڪ هو۔ زلزلو صرف 19.3 ڪلوميٽر اونهو هو ۽ ان جو مرڪز شهر پيٽروپاولووسڪ-ڪميچاٽسڪي کان 119 ڪلوميٽر اوڀر ڏکڻ ۾ هو، جيڪو ساڍا 16 لک جي آباديءَ وارو علائقو آهي۔ يو ايس جي ايس موجب هي زلزلو تقريباً ساڳي هنڌ آيو جتي 2011 ۾ 9.0 شدت جو زلزلو آيو هو، جنهن بعد وڏي سونامي سڄي پيسفڪ سمنڊ ۾ تباهي آندي هئي۔