پهرين آگسٽ کان پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: پهرين آگسٽ کان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 9.07  روپيه ۽ ڊيزل جي قيمت  ۾ 3.73 روپيه في ليٽر  گهٽتائي جو امڪان آهي.

پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سبب عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين ٻڌايو پيو وڃي. انهي کان علاوه هڪ ٻيو اهم سبب ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر جي ايڊجسٽمينٽ به ٻڌائي پئي وڃي جنهن جو اثر پيٽروليم شين جي قيمتن تي به ٿي رهيو آهي.

صنعتي ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت 272.16 روپين مان گهٽ ٿي 263.08 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي 283.35 روپين مان گهٽ ٿي 280.62 روپيه في ليٽر ٿي ويندي.

جڏهن ته  گاسليٽ جي قيمت 3.55 روپيه اضافي سان 181.33 روپين مان وڌي 184.88 روپيه في ليٽر ٿي ويندي. لائٽ ڊيزل جي قيمت 2.33 روپيه اضافي سان گڏ 167.76 روپين مان وڌي 170.09 روپيه في ليٽر ٿي ويندي.